سيد موزل شاهه

سيد موزل شاهه. سيد موزل شاهه ولد سيد حاجن شاهه سيتا شهر، ضلعي دادوءَ ۾ 1932ع ڌاري ڄائو. هن موسيقيءَ جي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪئي. هي ڪلام، قصيدا ۽ نوحا پرسوز انداز ۾ ڳائيندو هو. هن سيد حسين شاهه جي لکيل ڊرامن ۾ ڪم به ڪيو، ان کانسواءِ ڊرامن ۾ پس پرده گيت ڳائڻ ۽ هارمونيم وڄائڻ ۾ مهارت رکندو هو. هن ڳائڻ وڄائڻ جي فن ۾ ڪيترا شاگرد پڻ تيار ڪيا، جن ۾ نبن ڀٽي، آچر ڀٽي، ڇٽل ڀٽي، سيد نجيب الله شاهه، وسايو مڱڻهار وغيره شامل آهن. سيد موزل شاهه 1973ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ سيد موزل شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو